پلي سگھڙ محمد عالم

پلي، سگھڙ محمد عالم: سگھڙ محمد عالم پلي، موجوده تعلقي ڪوٽ غلام محمد جو رهاڪو هو. هن جي زندگيءَ بابت ايتري معلومات ملي ٿي ته هُو ديهه ٻورجي، ڊينگاڻ ۽ سگهه ۾ رهيو ۽ سٺو عوامي شاعر هو. خليفي ڇُٽي درس جو هم سبق هو. مولوي محمد علي پٺاڻ سندس استاد هو. سندس پٽ محمد عمر ۽ پوٽو محمد صديق به شاعر هئا. افسوس، سگهڙ محمد عالم جو ڪلام محفوظ رهي نه سگھيو، سندس صرف هڪ طويل بيت ملي ٿو، جيڪو هن غلام حسين مغل جي ڪلام ”مارائي کي ميار“ جي جواب ۾ لکيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو